ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي پاران مودي ۽ آڏاڻي جي ڪرپشن جو وڏو منصوبو بي نقاب

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) ڪرپشن ۾ ڦاٿل ڀارت ۾ مودي حڪومت پنهنجي ڪرپٽ ساٿي آڏاڻي کي اڏڻ ۾ مصروف آهي. ڀارتي مُخالف ڌُر اڳواڻ راهول گانڌي مودي ۽ اڊاني جي ڪرپشن جي وڏي منصوبي کي بي نقاب ڪيو آهي. تفصيل موجب ڀارت جي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي ڪرپشن کي منظر عام تي آڻيندي چيو آهي ته ڀارت جي نڪو بار ٻيٽ تي موجود ٻيلي جي 160 ڪلو ميٽر ايراضي …

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) ڪرپشن ۾ ڦاٿل ڀارت ۾ مودي حڪومت پنهنجي ڪرپٽ ساٿي آڏاڻي کي اڏڻ ۾ مصروف آهي. ڀارتي مُخالف ڌُر اڳواڻ راهول گانڌي مودي ۽ اڊاني جي ڪرپشن جي وڏي منصوبي کي بي نقاب ڪيو آهي. تفصيل موجب ڀارت جي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي ڪرپشن کي منظر عام تي آڻيندي چيو آهي ته ڀارت جي نڪو بار ٻيٽ تي موجود ٻيلي جي 160 ڪلو ميٽر ايراضي کي مودي حڪومت اڊاني جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ واڍي ڪري رهي آهي. ٻيٽ تي موجود وڻن جي ڪاٺ جي قيمت ڪروڙن ۾ آهي.اهو ڀارت جو سڀ کان وڏو فراڊ ۽ ڪرپشن آهي.ماهرن موجب مودي سرڪار جو هٿ ٺوڪي معاشي ماڊل صرف من پسند شخصيتن تائين محدود آهي جڏهن ته ڀارتي عوام ظلم جو شڪار آهي. اڊاني گروپ کي عوامي وسيلن کي لٽڻ ڦرڻ اصل ۾ مودي حڪومت ۾ ڪرپشن کي سرڪاري سطح تي ڪرڻ جائز بڻائڻ آهي.

مزید خبریں