ماسڪو-30 اپريل (اي پي پي) روس جي دفاع واري کاتي چيو آهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني تي سوويت يونين جي فتح جا 81 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي روس هلندڙ سال جي پريڊ ۾ فوجي سامان جي نمائش نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها تقريب جيڪا عام طور تي هر سال فوجي طاقت جي زبردست مظاهري سان گڏ منعقد ٿيندي آهي. 9 مئي تي گادي واري …
روس پاران ٻي عالمي جنگ ۾ فتح جي ياد ۾ منعقد پريڊ ۾ فوجي سامان جي نمائش نه ڪئي ويندي

مزید خبریں
ماسڪو-30 اپريل (اي پي پي) روس جي دفاع واري کاتي چيو آهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني تي سوويت يونين جي فتح جا 81 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي روس هلندڙ سال جي پريڊ ۾ فوجي سامان جي نمائش نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها تقريب جيڪا عام طور تي هر سال فوجي طاقت جي زبردست مظاهري سان گڏ منعقد ٿيندي آهي. 9 مئي تي گادي واري شهر ماسڪو جي ريڊ اسڪوائر ۾ ٿيندي. وزارت گذريل ڏينهن ٽيلي گرام تي چيو آهي ته ڪيترن ئي ملٽري اسڪولن، ڪيڊٽ ڪور خاص ڪري ملٽري هارڊويئر ڪالم هلندڙ سال فوجي پريڊ ۾ موجود آپريشنل صورتحال سبب شرڪت نه ڪندا. وزارت چيو ته پريڊ ۾ هٿيار بند فوج جي سمورين برانچن جي نمائندن جي شرڪت متوقع آهي پر ان سان گڏ وگڏ وڊيوز ۾ يوڪرين ۾ جنگ جي حوالي سان فوجين کي خصوصي آپريشن زون ۾ ڪم انجام ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. هڪ فضائي نمائش طئي ٿيل آهي. وزارت چيو آهي ته پريڊ ۾ هوابازي دوران روسي ايروبيٽڪ ڊسپلي ٽيمن جا جهاز ريڊ اسڪوائر تي اڏامون ڪندا ۽ پريڊ جي آخر ۾ ايس يو 25 گروائونڊ اٽيڪ هوائي جهاز جا پائليٽ ماسڪو جي آسمان تي روسي فيڊريشن جي جهنڊن جي رنگا رنگ نظارن جو مظاهرو ڪندا.











