اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ افغانستان مان 26 ۽ 29 اپريل تي اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي جنهن سان عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي جڏهن ته رهائشي گهرن کي نقصان پهتو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن افغانستان سان عالمي سرحد تان ملندڙ انتهائي ڳڻتي جوڳي اطلاعن طرف ڌيان ڇڪرائيندي …
ڏکڻ وزيرستان ۾ افغانستان مان 26 ۽ 29 اپريل تي اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ افغانستان مان 26 ۽ 29 اپريل تي اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي جنهن سان عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي جڏهن ته رهائشي گهرن کي نقصان پهتو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن افغانستان سان عالمي سرحد تان ملندڙ انتهائي ڳڻتي جوڳي اطلاعن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته ماضي ۾ به ان علائقي ۾ سدرحد پار کان فائرنگ ۽ گولاباري جا واقعا ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته 26 ۽ 29 اپريل تي ضلعي بنون جي ڀرپاسي ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقن بشمول انگور اڊه ۾ افغان فورسز پاران اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي جنهن ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو، زخمين ۾ عورتون ۽ ننڍي ڄمار جا ٻار به شامل آهن. ترجمان چيو ته مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ رهواسين انهن واقعن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرحد پار کان ٿيندڙ فائرنگ ۽ گولاباري جي سخت مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ان کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. هن چيو ته ان علائقي ۾ ان کان اڳ به اهڙي نوعيت جا واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ شهري زخمي ٿيا. ترجمان انهن حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته متاثرين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ترجمان چيو ته مقامي آبادي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.











