انگور اڊه/ ڏکڻ وزيرستان – 30 اپريل (اي پي پي) افغان طالبان رجيم هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگوراڊه ۾ سول آبادي تي بزدلاڻو حملو ڪيو آهي، مارٽر گولو گهر تي ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق افغان طالبان ۽ ان سان لاڳاپيل خوارجي دهشتگرد ناپاڪ عزم حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل عوام کي نشانو بڻائي رهيا آهن. افغان طالبان …
افغانستان مان ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ سول آبادي تي بزدلاڻو حملو، 5 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
انگور اڊه/ ڏکڻ وزيرستان – 30 اپريل (اي پي پي) افغان طالبان رجيم هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگوراڊه ۾ سول آبادي تي بزدلاڻو حملو ڪيو آهي، مارٽر گولو گهر تي ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق افغان طالبان ۽ ان سان لاڳاپيل خوارجي دهشتگرد ناپاڪ عزم حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل عوام کي نشانو بڻائي رهيا آهن. افغان طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ وزيرستان جي انگور اڊه سان ڳنڍيل سرحدي علائقي ۾ پاڪستاني سول آبادي تي گوله باري ڪئي، 29 اپريل 2026ع تي افغان طالبان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر انگور اڊه سان لاڳاپيل سرحدي علائقن ۾ مارٽر گولا فائر ڪيا ويا، مارٽر گولا مقامي شهرين ڪريم خان ۽ رحمت الله جي گهر تي اچي ڪريا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اشفاق مطابق اسپتال ۾ 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا آندا ويا آهن، متاثر شخص نور علي مطابق گولو اوچتو گهر تي اچي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو. هڪ ٻئي متاثر شخص جو چوڻ هو ته ڌماڪو ايترو شديد هو جو سڄو گهر لڏي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سرحد پار مان گوله باري ۾ عام شهري، خاص طور تي ٻار نشانو بڻجي رهيا آهن جنهن سبب خوف جي صورتحال برقرار آهي، افغان طالبان پاران پاڪستان سول آبادي کي مسلسل نشانو بڻائڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان فتني جو انسانيت سان ڪو تعلق ناهي.











