اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته خميس تي پيڪ ٽائيم ۾ ڪابه لوڊ مينيجمينٽ نه ٿي آهي، ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرن تي اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ پاليسي تحت جاري آهي. اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ جو پيڪ آورز ۾ لوڊ مينيجمينٽ سان ڪو به تعلق نه آهي. 29 اپريل جي رات پيڪ وقت ۾ بجلي جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان …
ملڪ ۾ خميس تي پيڪ ٽائيم ۾ ڪا به لوڊ مينيجمنٽ نه ٿي: پاور ڊويزن جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته خميس تي پيڪ ٽائيم ۾ ڪابه لوڊ مينيجمينٽ نه ٿي آهي، ملڪ ۾ وڌيڪ نقصان وارن فيڊرن تي اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ پاليسي تحت جاري آهي. اڪنامڪ لوڊ مينيجمينٽ جو پيڪ آورز ۾ لوڊ مينيجمينٽ سان ڪو به تعلق نه آهي. 29 اپريل جي رات پيڪ وقت ۾ بجلي جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته ڪل پن بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگا واٽ رهي جڏهن ملڪ ۾ پن بجلي جي ڪل ڪارڪردگي 11500 ميگا واٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاور پلانٽس کي مقامي گيس جي فراهمي سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. پن بجلي ۽ اضافي مقامي گيس جي دستيابي سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان ملڪ جي ڏکڻ واري نيشنل گرڊ ۾ استحڪام جي نتيجي ۾ وڌيڪ 100 ميگا واٽ مرڪز ۾ آڻڻ ۾ آساني ٿي، ملڪ جي ڏکڻ کان ڪل 500 ميگا واٽ جي فراهمي ممڪن ٿي. ترجمان چيو ته عالمي حالتن سبب اين ايل جي، جي عدم دستيابي سبب 4700 ميگا واٽ پاور پلانٽس مان بجلي پيدا نه ٿي رهي آهي. ايل اين جي، جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ اضافي سبب رات جي وقت ۾ شارٽ فال ختم ٿي ويندو.











