اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي هيٺاهين ۽ مٿانهين وهڪري بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 45 هزار رهيو، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 32 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. خير آباد پل جي پاڻي جو …
ملڪ جي مختلف آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي وهڪري بابت انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي هيٺاهين ۽ مٿانهين وهڪري بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 45 هزار رهيو، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 32 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. خير آباد پل جي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 69 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 69 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم دريا ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 41 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 25 هزار 200 ۽ ڇوڙ 17 هزار 400ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ ، پاڻي جي موجوده سطح 1463.78 فٽ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ جڏهن ته استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.463 ملين ايڪڙ رهيو، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آپريٽگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1161.40 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.184 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي ريت چشم ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.20 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.269 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











