لاڙڪاڻو_ 30 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف ٿاڻن علي گوهر آباد ۽ حيدري جي حدن ۾ ڪامياب ڪارروايون ڪندي ٻن اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پهرين ڪارروائي ۾ علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد پير شير روڊ واري علائقي مان اشتهاري ڏوهاري ساجد عرف سجو جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ۾ حيدري ٿاڻي جي حد نادرا آفيس واري علائقي مان اشتهاري ڏوهاري نديم جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس …
لاڙڪاڻو پوليس پاران ڪامياب ڪارروايون، 2 اشتهاري ڏوهاري گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو_ 30 اپريل(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف ٿاڻن علي گوهر آباد ۽ حيدري جي حدن ۾ ڪامياب ڪارروايون ڪندي ٻن اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پهرين ڪارروائي ۾ علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد پير شير روڊ واري علائقي مان اشتهاري ڏوهاري ساجد عرف سجو جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ۾ حيدري ٿاڻي جي حد نادرا آفيس واري علائقي مان اشتهاري ڏوهاري نديم جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ٻنهي ڪامياب ڪاررواين تي لاڳاپيل پوليس ٽيمن لاءِ شاباس جا پيغام جاري ڪندي ڏوهارين خلاف ڪاررواين ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.











