آمريڪا ۽ روس جي صدرن جو ٽيليفونڪ رابطو، جنگ بندي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ماسڪو – 30 اپريل (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ 9 مئي جي امڪاني جنگ بندي، يوڪرين جي صورتحال ۽ ايران بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي صدارتي معاملن جي معاون يوري اوشاڪوف مطابق ڏيڍ ڪلاڪ جاري ان ڳالهه ٻولهه کي واضح ۽ ڪاروباري …

ماسڪو – 30 اپريل (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ 9 مئي جي امڪاني جنگ بندي، يوڪرين جي صورتحال ۽ ايران بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي صدارتي معاملن جي معاون يوري اوشاڪوف مطابق ڏيڍ ڪلاڪ جاري ان ڳالهه ٻولهه کي واضح ۽ ڪاروباري انداز قرار ڏنو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران روس پاران يوم فتح جي موقعي تي جنگ بندي جي اعلان جي تياري، يوڪرين ۾ امن عمل ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. اختيارين مطابق ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين سان گڏوگڏ مددگارن ۽ نمائندن جي سطح تي ڳالهيون به شامل هونديون.

مزید خبریں