بيجنگ – 30 اپريل (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ڊرون جهازن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ شهر اندر ان جي وڪري تي پابندي ۽ ڪنهن به اڏام لاءِ اڳواٺ اجازت نامو حاصل ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين واضح ڪيو ته نوان قاعدا جمعي کان لاڳو ٿيدا، جنهن تحت بيجنگ ۾ اي ڪامرس پليٽ فارمز ذريعي ڊرون جهازن …
چين پاران بيجنگ ۾ ڊرون جهازن تي پابندي لاڳو

مزید خبریں
بيجنگ – 30 اپريل (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ڊرون جهازن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ شهر اندر ان جي وڪري تي پابندي ۽ ڪنهن به اڏام لاءِ اڳواٺ اجازت نامو حاصل ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين واضح ڪيو ته نوان قاعدا جمعي کان لاڳو ٿيدا، جنهن تحت بيجنگ ۾ اي ڪامرس پليٽ فارمز ذريعي ڊرون جهازن جي وڪري يا فراهمي تي پابندي هوندي. شهر ۾ ڊرون يا ان جا بنيادي پرزا آڻڻ تي به پابندي هوندي. انهن حڪمن جي ڪنهن به ڀڃڪڙي تي 10 هزار يوآن تائين ڏنڍ ۽ ڊرون ضبط ڪرڻ جهڙيون سزائون رکيون ويون آهن، جيڪي اٽڪل 2 ڪروڙ 20 لک آبادي واري شهر ۾ ان شعبي جي تنظيم سازي ۾ غير معمولي سختي کي ظاهر ڪن ٿيون. اختيارين وضاحت ڪئي آهي ته جن مالڪن پهرين مئي کان اڳ پنهنجا ڊرون پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائي ورتا هئا، اهي انهن کي بيجنگ آڻڻ ۽ کڻي وڃڻ جا اهل هوندا، جڏهن ته صارفين کي مقامي پوليس اسٽيشنن ۾ پنهنجا اوزار رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ ٽن مهينن جي مهلت ڏني ويندي. ان کان علاوه ڊرونز جي تعداد جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي.











