آمريڪي مخالف ڌر جي اڳواڻن ايران جنگ کي آمريڪا جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪا _30 اپريل (اي پي پي ) آمريڪا جي مخالف ڌر جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن ايران جنگ کي آمريڪا جي مڪمل ناڪامي قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ايران جنگ تي آمريڪي  فوج  25 ارب ڊالرن جو خرچ ڪري چڪي آهي ته ٻئي پاسي آمريڪي شهرين لاءِ ٻارڻ ۽ خوراڪ جو خرچ وڌي ويو آهي ۽ دفاع واري وزير کي  ان جنگ سبب دفاع جي نالي …

آمريڪا _30 اپريل (اي پي پي ) آمريڪا جي مخالف ڌر جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن ايران جنگ کي آمريڪا جي مڪمل ناڪامي قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ايران جنگ تي آمريڪي  فوج  25 ارب ڊالرن جو خرچ ڪري چڪي آهي ته ٻئي پاسي آمريڪي شهرين لاءِ ٻارڻ ۽ خوراڪ جو خرچ وڌي ويو آهي ۽ دفاع واري وزير کي  ان جنگ سبب دفاع جي نالي تي ملڪي معيشت کي ٿيندڙ نقصان جو ڪو اندازو ناهي . آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون جي هڪ سينيئر اهلڪار طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ هيستائين آمريڪي فوج کي 25 بلين ڊالرن جو نقصان پهتو آهي. ان اعلان تي ڊيموڪريٽڪ طرفان شديد تنقيد ڪئي وئي آهي. ڊيموڪريٽڪ ميمبر مارڪ ڊي سولنيئر چيو ته ايران جي جنگ تي خرچ ڪيل اربين ڊالرن سان لکين آمريڪين لاءِ صحت جي سارسنڀال جي خرچ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان جي ابتڙ اسان 25 ارب ڊالرن جو نقصان ڪرڻ سان گڏ وگڏ 14 آمريڪي فوجي به مارائي ڇڏيا . ان کان علاوه  جنگ  جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو ۽ هاڻي آمريڪي شهري پهريان کان گهٽ محفوظ آهن. آمريڪي ڪانگريس جي هڪ ٻئي ڊيموڪريٽڪ مميبر دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ تي الزام لڳايو ته هو آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ جنگ جي حقيقي قيمت کان لاعلم آهي . ايڪس تي پوسٽ ۾ هن چيو ته هن دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ کان پڇيو ته ايران جنگ ۾ آمريڪين کي متبادل خرچ، گيس ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي ته کيس ان جنگ سان آمريڪا کي ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪو اندازو نه هو ۽ اها ڳالهه سندس لاءِ ناقابل يقين آهي.