اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه جي گهر ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه جي گهر آمد، والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير پير سيد عمران احمد شاهه جي گهر ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طلحى برڪي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.











