اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير وجيهه قمر معرڪه حق جي ننڍڙي ڄمار واري مجاهد ارتضى عباس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس گهر ويا. وفد جي ميمبرن ارتضى عباس شهيد جي والد ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي جارحيت سبب شهيد ٿيندڙ 7 …
وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير وجيهه قمر پاران معرڪه حق جي ننڍڙي ڄمار واري مجاهد ارتضى عباس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس گهر آمد

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزيرن عطاءُ الله تارڙ، مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير وجيهه قمر معرڪه حق جي ننڍڙي ڄمار واري مجاهد ارتضى عباس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس گهر ويا. وفد جي ميمبرن ارتضى عباس شهيد جي والد ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي جارحيت سبب شهيد ٿيندڙ 7 سالن جي ارتضى عباس جي عزم ۽ همت کي سلام پيش ڪيو. واضح رهي ته ارتضى عباس جي شهادت جي وقت سندس والد ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس لائين آف ڪنٽرول تي دشمن کي منهن ڏئي رهيو هو، ننڍڙي پٽ جي شهادت جي باوجود ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس فرض جي ادائيگي ۾ جنگ جي محاذ تي دشمن کي ڀرپور جواب ڏيندو رهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته معرڪه حق ۾ جرئت جي نشان ننڍڙي ڄمار واري مجاهد ارتضى عباس جي شهادت قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ڏني ويندڙ اهي قربانيون سدائين ياد رکيو وينديون. هن چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جي قربانين ۽ قوم جي دعائن سان فتح نصيب ٿي جنهن تي الله تعالى جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين سان قوم جا حوصلا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، عظيم فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي هي ملڪ قائم آهي، شهيدن جا گهرڀاتي صبر ۽ حوصلي جي علامت آهن، قوم انهن جي جذبي جي قدر ڪري ٿي. ان موقعي تي ارتضى عباس شهيد جي والد تعزيت جي لاءِ ايندڙ وفد جي ميمبرن جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته قرباني جو جذبو اسان جي رت ۾ شامل آهي، جڏهن قوم گڏ بيهي ٿي ته فوج به ڪاميابي ماڻي ٿي.











