وزيراعظم محمد شهباز شريف سان صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي ملاقات

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملاقات ڪئي ۽ صحت واري وزارت طرفان جاري قدمن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب مُلاقات ۾ عوامي معاملن وارو وزير راڻا مبشر اقبال ۽ خاص مُعاون طلحه برڪي پڻ موجود هئا. سيد مصطفيٰ ڪمال وزيراعظم کي ڊريپ جي ليبارٽريز کي ڊبليو …

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملاقات ڪئي ۽ صحت واري وزارت طرفان جاري قدمن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب مُلاقات ۾ عوامي معاملن وارو وزير راڻا مبشر اقبال ۽ خاص مُعاون طلحه برڪي پڻ موجود هئا. سيد مصطفيٰ ڪمال وزيراعظم کي ڊريپ جي ليبارٽريز کي ڊبليو ايڇ او پاران سرٽيفڪيشن بابت پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم عوامي صحت جي شعبي ۾ سُڌارن جي لاءِ سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں