ماڻهن کي گهٽ لاڳت تي پنهنجي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماڻهن کي گهٽ لاڳت تي پنهنجي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوسنگ واري وفاقي وزير وزيراعظم کي …

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماڻهن کي گهٽ لاڳت تي پنهنجي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوسنگ واري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت پاران گهٽ لاڳت وارن رهائشي منصوبن تي ڪيل اڳڀرائي ۽ ماڻهن کي پنهنجا گهر حاصل ڪرڻ لاءِ رعايتي قرضن جي فراهمي جي منصوبن تي ڪيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماڻهن کي گهٽ لاڳت تي پنهنجي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم وزارت جي ان سلسلي ۾ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں