راولپنڊي- 30 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط، متوازن ۽ قابل اعتماد دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع، پنهنجي سامونڊي مفادن جي تحفظ ۽ پنهنجي اقتصادي راهدارين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه چين جي شهر سانيا ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين هنگور ڪلاس آبدوز، پي اين …
پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع، سامونڊي مفادن جي تحفظ ۽ پنهنجي اقتصادي راهدارين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
راولپنڊي- 30 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط، متوازن ۽ قابل اعتماد دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع، پنهنجي سامونڊي مفادن جي تحفظ ۽ پنهنجي اقتصادي راهدارين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه چين جي شهر سانيا ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين هنگور ڪلاس آبدوز، پي اين ايس/ايم هنگور جي ڪميشننگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آصف علي زرداري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان نيوي جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر آصف علي زرداري هنگور جي ڪميشننگ کي پاڪستان نيوي جي جديديت ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هڪ مضبوط، متوازن ۽ قابل اعتماد دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جو دفاع ڪرڻ، سامونڊي مفادن جي تحفظ ۽ پنهنجي اقتصادي راهدارين جي سلامتي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته اهم سامونڊي رستن ۾ رڪاوٽون عالمي واپار ۽ توانائي جي تحفظ لاءِ وڌندڙ خطرو آهن ۽ هڪ مستحڪم، ضابطن تي ٻڌل سامونڊي نظام قائم ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس بحري فوج اڻٽر آهي. هن چيو ته هنگور ڪلاس آبدوزون، جيڪي جديد ترين هٿيارن، جديد سينسرز ۽ ايئر انڊپينڊنٽ پروپلشن سان ليس آهن، خطي ۾ بحري استحڪام ۽ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. اهي آبدوزون عربي سمنڊ ۽ وڏي هندي سمنڊ ۾ اهم سامونڊي رستن جي حفاظت ۽ جارحيت کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. نيول چيف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته "هنگور” جو نالو اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. 1971ع ۾ اڳوڻي هنگور آبدوز ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن جنگي جهاز کي ٻوڙيو هو. پي اين ايس/ايم هنگور ان شاندار روايت کي اڳتي وڌائيندي ۽ هي پاڪ بحريه جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اسان جي بحري دفاعي صلاحيت کي مضبوط ۽ بحري ٻيڙي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪندو. پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جي ڪميشننگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي ۽ مضبوط دوستي جو هڪ ٻيو باب آهي. تقريب ۾ پاڪستان نيوي ۽ پي ايل اي (نيوي) جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير ان تاريخي ڪاميابي تي پوري قوم ۽ پاڪ بحريه کي مبارڪباد ڏني.











