وزيراعظم پاران ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ "وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” جو باضابطه آغاز

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ "وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم" جو باضابطه آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته عام ماڻهو کي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اسڪيم تحت هڪ ڪروڙ رويپن تائين جو قرض آسان شرطن تي دستياب هوندو. پهرين سال ۾ 50 هزار …

اسلام آباد- 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ "وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” جو باضابطه آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته عام ماڻهو کي ڇت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اسڪيم تحت هڪ ڪروڙ رويپن تائين جو قرض آسان شرطن تي دستياب هوندو. پهرين سال ۾ 50 هزار گهرن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ چئن سالن ۾ هدف 5 لک گهرن جو هُوندو. 10 مرلا تائين جا گهر ٺاهي سگهجن ٿا ۽ ان لاءِ پئسن جو ماپو 3.2 کرب روپيا هوندو. قرض جي ادائيگي جو مدو 20 سال هوندو. پهرين 10 سالن لاءِ وياج جي شرح 5 سيڪڙو هوندي ۽ باقي 10 سالن لاءِ وياج جر شرح مارڪيٽ اگهه مُوجب هُوندي. اها اسڪيم وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ لاڳو ٿيندي. تعميراتي شعبي ذريعي معيشت جو ڦيٿو هلندو آهي، حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. اسڪيم تي عملدرآمد جو هر مهيني جائزو آئُون پاڻ وٺندس. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي وزيراعظم جو پنهنجو گهر اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت قرض حاصل ڪندڙ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. عوام کي پنهنجو گهر فراهم ڪرڻ ڪنهن به حڪومت ۽ رياست جو بنيادي ۽ مقدس فرض آهي. پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي جو هڪ وڏو انگ پنهنجي ڇت کان محروم آهي. ان حوالي سان اڄ جي تقريب وڏي يادگار آهي. هن اسڪيم جي افتتاح لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترا ئي مسئلا درپيش هُئا، پر انهن کي نجي شعبي جي مشاورت ۽ ٻين لاڳاپيل فردن ۽ عملدارن جي تعاون سان حل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ نوجوان ڊرائيور غلام حسين کي الله تعاليٰ پنهنجو گهر ٺاهڻ جو موقعو به ڏنو آهي ۽ ان کي قرض مليو آهي. چيڪ وصول ڪندڙن ۾ آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا جا ماڻهو به شامل آهن. اها اسڪيم وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ لاڳو ٿيندي. وزيراعظم چيو ته “گهر هُجي ته پنهنجو” ان اسڪيم جو تسلسل آهي جيڪا مون پنجاب ۾ شروع ڪئي هئي ۽ ان جو نالو آشيانو رکيو ويو هو ۽ ان جو موثر آغاز ڪيو ويو هو ۽ مُختلف هنڌن تي مُون پاڻ ان اسڪيم جو پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ چاٻيُون ماڻهن جي حوالي ڪيُون. وزيراعظم چيو ته هن اسڪيم تحت پهرين سال ۾ 50 هزار گهرن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 321 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڀرپُور تعاون ۽ مدد تي ناڻي واري وفاقي وزير، هائوسنگ واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. ايندڙ چئن سالن ۾ اسان جو هدف 5 لک گهرن جو هُوندو. اسڪيم تحت 10 مرلا تائين جا گهر ٺاهي سگهجن ٿا ۽ ان لاءِ پئسن جو ماپو 3.2 کرب روپيا هوندو. وزيراعظم چيو ته آئُون پاڻ هر مهيني اسڪيم جو جائزو وٺندس ته جيئن جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ هجي ته ان کي ختم ڪيو وڃي ۽ ادائيگيون وقت تي ٿين. هِن چيو ته وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت قرض حاصل ڪرڻ جو طريقو آسان بڻايو ويو آهي. قرض جي واپسي جو مُدو 20 سال هوندو. پهرين 10 سال 5 سيڪڙو تائين وياج جي شرح هوندي ۽ باقي 10 سال وياج جي شرح مارڪيٽ اگهه مُوجب هوندي. هڪ ڪروڙ رپين تائين قرض وٺي سگهجي ٿو. سڀ کان وڌيڪ قرض ڏيندڙ بينڪن کي 14 آگسٽ تي قومي ايوارڊ ڏنو ويندو ۽ جيڪا بينڪ ان حوالي سان ڪوتاهي جو مُظاهرو ڪندي ته ان سان ڪابه رعايت نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پڻ مختلف اسڪيمون شامل ڪيون وينديون. هن چيو ته تعميراتي شعبي سان معيشت جو ڦيٿو هلي ٿو، ان سان ڪيترائي شعبا ڳنڍيل آهن، ان سان اسان جي صنعت ۽ دستڪاري کي ترقي ملي ٿي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر اچن ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، ڪجهه مهينا اڳ ملڪ جي نمايان روانگي واپارين ۾ ٽرافيون ورهايون ويون ۽ انهن کي ملڪ جو عمومي سفير پڻ بڻايو ويو، جڏهن ته انهن کي 2 سالن جي لاءِ نيرو پاسپورٽ پڻ جاري ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته هڪ سال جي اڻٿڪ محنت کانپوءِ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي. پنهنجو گهر ٺاهڻ جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ حڪومت جو تحفو آهي، اسڪيم شروع ڪرڻ ۾ وزيراعظم جي خاص دلچسپي اسان لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي ڪامياب افتتاح تي منهنجي ٽيم جي اڻٿڪ محنت ساراهه جوڳي آهي. سڪيم لاءِ نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير سميت ڪابينا ميمبرن جو ڀرپُور تعاون رهيو. اسڪيم سان ماڻهن کي باعزت ۽ محفوظ رهائش مُيسر ايندي. تقريب ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جو باضابطه آغاز ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت مستحق ماڻهن ۾ مختلف بينڪن جا چيڪ پڻ ورهايا.

مزید خبریں