پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ اڻٽر آهي، معيشت کي بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ روانگي واپار وڌائڻو پوندو. بزنس …

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ اڻٽر آهي، معيشت کي بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ روانگي واپار وڌائڻو پوندو. بزنس ٽو بزنس رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. هو پاڪ- يورپي يونين بزنس فورم جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جتي هن بزنس ٽو بزنس رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قدمن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن، جنهن سان عالمي سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته يورپ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ گهرا تاريخي رابطا موجود آهن. هن چيو ته فورم جو بنيادي مقصد قومي سطح تي دولت جي تخليق آهي، جنهن جو بنياد پيداواريت، جدت ۽ ڊگهي مُدي واري ترقي تي آهي. وفاقي وزير چيو ته مختلف ملڪن وچ ۾ رابطن سان نه صرف ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ٿئي ٿي پر سوچ ۽ طريقيڪار به منتقل ٿئي ٿو جنهن سان نوان بزنس ماڊلز ۽ـ خيال جنم وٺن ٿا. هن چيو ته ننڍا پر اثرائتا خيال به عالمي ويليو چين ۾ اهم مقام حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ اهوئي عمل معاشي تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته فورم جو بندوبست وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هڪ اهم ڪاوش آهي جيڪو ملڪ ۾ انوويشن ايڪو سسٽم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. يورپي ڪاروباري شخصيتون پاڻ سان صدين تي ٻَڌل علمي ۽ تعليمي روايتون آڻي ٿي جيڪي نوجوان نسل لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري ٿي. هن زور ڀريو ته دولت جي تخليق پائيدار بنيادن تي هئڻ گهرجي ۽ وسيلن جي غير ذميداراڻه استعمال سان نه صرف عارضي فائدو حاصل ٿئي ٿو. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ وسيلن جو متوازن ۽ ذميداراڻو استعمال اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته يورپ ماحولياتي تبديلي ۽ گرين اڪانومي ۾ قائداڻي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته يورپي يونين طرفان ايس ايم ايز جي گرين ٽرانزيشن لاءِ سيڙپڪاري تحسين جوڳي آهي. هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديليءَ جي اثرن خاص ڪري ٻوڏ پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان ۽ وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي. هن چيو ته جديد دؤر ۾ اليڪٽريفيڪيشن، معدنيات تي ٻَڌل صنعت، مصنوعي ذهانت، معلوماتي انقلاب ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جهڙا رجحان هڪ ئي وقت ترقي ڪري رهيا آهن جيڪي مستقبل جي عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

مزید خبریں