اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 251هون اجلاس وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ (زيڊ ٽي بي ايل) جي نجڪاري بابت اهم سفارشن نجڪاري ڪميشن بابت ڪابينه ڪميٽي کي اُماڻڻ جي منظوري ڏني وئي. بورڊ مالياتي صلاحڪار طرفان ڏنل تفصيلي بريفنگ کانپوءِ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ لاءِ ڄاڻايل ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر ۽ جامع ري اسٽرڪچرنگ پلان …
نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 251هون اجلاس، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري لاءِ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوريءَ جي سفارش

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 251هون اجلاس وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ (زيڊ ٽي بي ايل) جي نجڪاري بابت اهم سفارشن نجڪاري ڪميشن بابت ڪابينه ڪميٽي کي اُماڻڻ جي منظوري ڏني وئي. بورڊ مالياتي صلاحڪار طرفان ڏنل تفصيلي بريفنگ کانپوءِ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ لاءِ ڄاڻايل ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر ۽ جامع ري اسٽرڪچرنگ پلان جي توثيق ڪئي. انهن تجويزن کي تفصيلي غور ويچار کانپوءِ حتمي شڪل ڏني وئي، جنهن ۾ پاڪستان حڪومت لاءِ وڌ کان وڌ مالي ۽ اسٽريٽجڪ فائدن کي نظر ۾ رکيو ويو. اهي سفارشون هاڻ ايندڙ اجلاس ۾ غور لاءِ نجڪاريءَ بابت ڪابينه ڪميٽيءَ کي پيش ڪيون وينديون. بورڊ حڪومت جي نجڪاري ايجنڊا کي اثرائتو، شفاف ۽ اسٽريٽجڪ انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.











