اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم جي مشوري تي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججز جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر پيونئي جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي لاهور هاءِ ڪورٽ جڏهن ته جسٽس …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججز جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم جي مشوري تي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججز جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر پيونئي جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي لاهور هاءِ ڪورٽ جڏهن ته جسٽس بابر ستار جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وقتي صدر جسٽس ثمن رفعت امتياز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان سنڌ هاءِ ڪورٽ بدلي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.











