پاڪستان جي شهيدن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرڏيهي خطرن خلاف بي مثالت جرئت، عزم ۽ قربانيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق وطن عزيز جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي انهن بهادر پُٽن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي دفاع کي فتح نه ڪرڻ جوڳو بڻايو. شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي …

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق وطن عزيز جي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي انهن بهادر پُٽن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي دفاع کي فتح نه ڪرڻ جوڳو بڻايو. شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جي شهيدن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرڏيهي خطرن خلاف بي مثالت جرئت، عزم ۽ قربانيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين جي گڏيل قربانين عيوض ملڪ دشمن ڌُرين جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو. اسپيڪر چيو ته ويجهڙ ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهرين جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي قومي تاريخ جو نه وِسارڻ جوڳو حصو آهي. هن بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پوري قوم شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي ۽ سندن صبر ۽ استقامت کي سلام پيش ڪري ٿي. اسپيڪر چيو ته شهيدن جو رت اسان جي قومي آزادي، خودمختياري ۽ استحڪام جي ضمانت آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائيندي وطن جي دفاع، اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪنداسين ۽ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائينداسين. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پُرامن ملڪ آهي، جيڪڏهن وطن خلاف ڪنهن به قسم جي اڳرائي مڙهي وئي ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ ٿي دشمن جي هر ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته قومي يڪجهتي ۽ شهيدن جي قربانين جو احترام ئي پاڪستان جي اصل حقيقت آهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد اسان کي انهن عظيم قربانين جي ياد ڏيارين ٿا جنهن عيوض اڄ پاڪستان محفوظ ۽ مستحڪم آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي ۽ سندن مشن جي تڪميل لاءِ متحد رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

مزید خبریں