بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد ۾ اعجاز خان جکراڻي سان پُٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

جيڪب آباد-29 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آبا جکراڻي هائوس پهچي پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ چيف وهپ قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز خان جکراڻي سان سندس پُٽ مير زيد خان جکراڻيءَ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ الله …

جيڪب آباد-29 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آبا جکراڻي هائوس پهچي پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ چيف وهپ قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز خان جکراڻي سان سندس پُٽ مير زيد خان جکراڻيءَ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ الله تعاليٰ کان سندس بخشش، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. هن ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ هو وارثن سان برابر جو شريڪ آهي. تعزيت جي موقعي تي راندين وارو صوبائي وزير محمد بخش خان مري، اسيمبلي ميمبر شير محمد مغيري، سينيٽر محمد اسلم ابڙو، جيڪب اباد ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مير طاهر خان کوسو سميت ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون به موجود هيون.

مزید خبریں