نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي ملاقات

اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تازي علائقائي صورتحال ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ …

اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تازي علائقائي صورتحال ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان سلسلي ۾ پاڪستان جي جاري ڪوششن کي ساراهڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں