اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافتي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ روسي فيڊريشن جي سفير البرٽ پي خوريف گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ جٽادار ثقافتي ناتن کي ساراهيندي چيو ته عوامي سطح تي …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان روسي فيڊريشن جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافتي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ روسي فيڊريشن جي سفير البرٽ پي خوريف گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ جٽادار ثقافتي ناتن کي ساراهيندي چيو ته عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فن، موسيقي، فلم ۽ ورثي جي شعبن ۾ گڏيل قدم نهايت اهم آهن. وفاقي وزير چيو ته روسي موسيقارن، فنڪارن ۽ رقص ڪندڙن کي پاڪستان گُهرايو ويو آهي ته جيئن هو پنهنجي فن ۽ ثقافتي روايتن جو مظاهرو ڪري سگهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جا نمايان ثقافتي ادارا جن ۾ لوڪ ورثه ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) شامل آهن، روسي ثقافتي سرگرمين جو بندوبست ڪرڻ لاءِ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته التوا هيٺ مفاهمتي يادداشت وزيراعظم جي حتمي دؤري کان پوءِ شڪل اختيار ڪندي جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن گڏيل نمائشن، فن پارن جي نمائش ۽ مصوري جي پروگرامن جو بندوبست ڪرڻ ذريعي پاڪ- روس ثقافتي ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان دوست ملڪن سان ثقافتي هفتن جي بندوبست جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي جنهن جو مقصد ثقافتي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. روسي سفير البرٽ خوريف، وفاقي وزير کي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ روس جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن اهو به ٻُڌايو ته نفٽي سفيئر انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ان موقعي تي روس جي ڪپڙن جي نمائنش پيش ڪندو. روسي سفير، وفاقي وزير جي صلاحڪار عثمان شاهه جي خدمتن کي به ساراهيو جيڪو ان ملاقات ۾ موجود هو ۽ چيو ته وفاقي وزير طرفان ثقافتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران روسي سفير پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن ٻُڌايو ته ڪيتريون ئي روسي فلمون پهرين ئي تيار ٿي چڪيون آهن ۽ ان کي اردو ٻولي ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي. هن پاڪستان ۾ انهن فلمن جي خاص نمائش جي تجويز پيش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته انهن فلمن جي نمائش کان پوءِ روسي فلم ڊائريڪٽرز کي مباحثن ۽ انٽرا ايڪٽو سيشنز ۾ گُهرايو وڃي ته جيئن ثقافتي تفهيم ۽ فنڪاراڻي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن پي اين سي اي ۾ مختلف ثقافتي ۽ فني سرگرمين جي بندوبست ڪرڻ ۾ به گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ته جيئن فنڪارن، شاگردن ۽ ثقافتي نمائندن وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائي سگهجي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو ۽ فنون، ورثي ۽ تخليقي شعبن ۾ مسلسل سهڪار ذريعي گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي وٺرائي ويندي.











