پاڪستان سميت ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي مالي معاونت ۽ سڌارن وارا پروگرام جاري آهن: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان سميت ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي اُسرندڙ ملڪن کي درپيش معاشي، موسمياتي، ماحولياتي ۽ سماجي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي مالي معاونت ۽ سڌارن وارا پروگرام جاري آهن، جن جو مقصد معاشي استحڪام، روزگار جي موقعن ۾ واڌ ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود کي يقيني بنائڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سالياني …

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان سميت ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي جي اُسرندڙ ملڪن کي درپيش معاشي، موسمياتي، ماحولياتي ۽ سماجي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏي پيماني تي مالي معاونت ۽ سڌارن وارا پروگرام جاري آهن، جن جو مقصد معاشي استحڪام، روزگار جي موقعن ۾ واڌ ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود کي يقيني بنائڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سالياني رپورٽ 2025ع موجب سال 2025ع ۾ بئنڪ مجموعي طور تي 29.3 ارب ڊالرن جي منصوبن ۽ پروگرامن جي منظوري ڏني جن مان تقريبن 33 لک کان وڌيڪ ملازمتون پيدا ٿينديون ۽ 18 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو لاڀ ماڻيندا. انهن منصوبن ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير، سڌارن ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان کي مالياتي دٻاءُ ۽ قرضن جي بار جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن  سبب بنيادي خدمتن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري محدود ٿي وڃي ٿي، انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ 800 ملين ڊالرن جو پيڪيج منظور ڪيو جنهن ۾ 300 ملين ڊالر جو پاليسي قرض ۽ 500 ملين ڊالرن تائين جي گارنٽي شامل آهي. انهن قدمن سان حڪومت کي اضافي هڪ ارب ڊالرن جي مالي معاونت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان پروگرام جو مقصد مالي خساري ۽ سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ٽيڪس نظام کي بهتر بنائڻ، سرڪاري خرچن جي نظم و نسق کي اثرائتو بنائڻ ۽ معيشت ۾ ڊجيٽلائزيشن ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ آهي. رپورٽ موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٽامي ۽ سون جي کاڻين جي هڪ وڏي منصوبي لاءِ جديد مالياتي پيڪيج جي منظوري به ڏني آهي، جنهن جو مقصد عالمي سطح تي ٽامي جي سپلاءِ چين کي مضبوط بنائڻ ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. ان منصوبي سان توانائي جي عالمي منتقلي لاءِ اهم معدنيات جي پيداوار ۾ واڌ متوقع آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي عورتن جي معاشي سرگرمين ۾ ڀائيواريءَ جو فرق تمام گهڻو آهي جنهن جو هڪ وڏو ڪارڻ مالي وسيلن تائين محدود پهچ ۽ رسمي ملازمن ۾ گهٽتائي نمائندگي آهي، ان خال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ 350 ملين ڊالرن جي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي ته جيئن عورتن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌائي سگهن. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم خاص ڪري سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي اسٽيم) جي شعبن ۾ ڀائيواري وڌائڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي ته جيئن عورتن کي جديد مهارتون فراهم ڪري سگهن ۽ کين مستقبل جي معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته سال 2025ع دوران سخت برساتن، ٻوڏن ۽ گليشيئر پگهرجڻ سبب پاڪستان، افغانستان ۽ نيپال سميت خطي جا ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا. انهن خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جديد ڊزاسٽر مئنجمينٽ ۽ موسمياتي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن. انهن منصوبن تحت هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ زرعي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن خلاف محفوظ بنائڻ جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ 250 ملين ڊالر گرين ڪلائميٽ فنڊ مان فراهم ڪيا پيا وڃن. رپورٽ ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي معاشي ترقيءَ جو اهم ذريعو قرار ڏيندي ٻُڌايو ته ان سلسلي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ مختلف ملڪن سان گڏجي ڊجيٽل مهارتن ۽ سائبر سيڪيورٽي کي هٿي وٺرائڻ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، پاڪستان کي به ان سلسلي ۾ مشاورتي معاونت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ نجي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي. رپورٽ موجب خطي جي ملڪن کي درپيش معاشي دٻاءُ، موسمياتي خطرن ۽ سماجي مسئلن باوجود مربوط پاليسي قدمن، نجي سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي جٽادار ترقيءَ جا امڪان روشن ٿي رهيا آهن. بئنڪ جو چوڻ هو ته ايندڙ سالن ۾ مالياتي سڌارن، عورتن جي شموليت ۽ موسمياتي تحفظ جا منصوبا خطي جي معاشي استحڪام ۽ معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

مزید خبریں