وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ويڪسين جي تياري جي پاليسي، ملڪ جي پهرين نيشنل ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي، نيشنل سيڊ پاليسي ۽ نيشنل اسڪلز ڊيولپمينٽ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ويڪسين جي تياري جي پاليسي، ملڪ جي پهرين نيشنل ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي، نيشنل سيڊ پاليسي ۽ نيشنل اسڪلز ڊيولپمينٽ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ويڪسين جي تياري جي پاليسي، ملڪ جي پهرين نيشنل ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي، نيشنل سيڊ پاليسي ۽ نيشنل اسڪلز ڊيولپمينٽ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي پاڪستان پاران وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي بحران جي باوجود عوامي سهولت جي لاءِ صورتحال کي هر ممڪن بهتر انداز ۾ سنڀالڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيان موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايجنڊا تي موجود مختلف شعبه جاتي پاليسيز جي پڻ منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ملڪي سطح تي ويڪسين جي تياري جي پاليسي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ ڊريپ جي نگراني هيٺ قيمتن جي تعين ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. پاليسي جو مقصد ويڪسين جي مد ۾ درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ، قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ ملڪ کي ويڪسين جي تياري ۾ پاڻڀرو ڪرڻ آهي. وفاقي ڪابينا وفاقي نظامت تعليم ۾ ڏهاڙي اجرت تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ گريڊ 1 کان 15 جي استادن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انهن جي اهليت موجب وفاقي نظامت تعليم وزٽنگ فيڪلٽي ريگيوليشنز 2025ع تحت انهن جون خدمتون بطور وزٽنگ فيڪلٽي وٺڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز ڊيولپمينٽ پاليسي جي پڻ منظوري ڏني وئي. پاليسي تحت ملڪي صنعت ۽ واپار جي ضرورتن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب افرادي قوت جي صلاحيت کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستانين جي لاءِ عالمي معيار جي تربيت ۽ سرٽيفڪيشن جي لاءِ خصوصي قدم پڻ پاليسي جو حصو آهن. وفاق ۽ سمورا صوبا ان ڏس ۾ گڏيل تعاون سان ڪم ڪندا، نجي شعبو به ان پاليسي تي عملدرآمد جو اهم حصو هوندو. ڪابينا ملڪ جي پهرين نيشنل ايگريڪلچر بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي جي پڻ منظوري ڏني جنهن جو مقصد قومي غذائي تحفظ، زرعي پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافي ۽ زرعي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي ۽ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ نيشنل سيڊ پاليسي 2025ع جي پڻ اصولي منظوري ڏني وئي. پاليسي جو مقصد غذائي تحفط ۽ آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ آهي. پاليسي تحت 15 کان 20 سيڪڙو زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ عالمي معيار جي سيڊ ڪمپنيز سان حصيداري جي لاءِ قدم کنيا ويندا. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نيپرا جي سالياني رپورٽ 2025ع ۽ اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2025ع پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير عمران احمد شاهه جي والده جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں