نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانوي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقل تعاون …

اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقل تعاون کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ تعميري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ به ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں