اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي عظيم شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو امن، سلامتي ۽ جمهوري تسلسل ان جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن جي قربانين جي ڪري قائم آهي. پنهنجي پيغام ۾ ووقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ملڪ جي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي عظيم شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي عظيم شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو امن، سلامتي ۽ جمهوري تسلسل ان جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن جي قربانين جي ڪري قائم آهي. پنهنجي پيغام ۾ ووقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ملڪ جي دفاع ۾ ڏني ويندڙ قربانيون رڳو نظريا نه آهن پر قوم جي لاءِ هڪ زندهه حقيقت آهي. هن چيو ته جنگ جي ميدان کان وٺي اسان جي گهٽين ۽ شهرن تائين اسان جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا ان جي لاءِ ڏنا ته جيئن پاڪستان وقار ۽ عزم سان قائم رهي سگهي. هن چيو ته هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڏيکاريل همت ۽ سگهه رياست جي عملداري کي فيصلائتي طور تي مستحڪم ڪيو ۽ انتهاپسندي ۽ عدم استحڪام جي قوتن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي شهيدن رڳو جاگرافيائي حدن جو دفاع نه ڪيو پر انهن نظريه پاڪستان، آئيني نظام ۽ عوام جي پرامن زندگي گذارڻ جي حق جو تحفظ ڪيو. شهيدن جي خاندانن کي خراج تحسين پيش ڪندي وقتي صدر انهن جي بي مثال همت ۽ قرباني جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته قوم هر سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ اسان انهن جي قربانين کي رڳو لفظن ۾ نه پر اڻٿڪ قومي عزم ۽ اتحاد جي ذريعي ياد رکڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وقتي صدر وڌيڪ چيو ته شهيدن جو ڏهاڙو رڳو ياد ملهائڻ جو ڏينهن نه آهي پر اهو قومي وچن جي ورجاءُ جو لمحو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن کي مضبوط بڻائي، قانون جي حڪمراني کي مٿانهون رکي ۽ پنهنجي استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ سمورين قوتن جي خلاف متحد رهي شهيدن جي اعتماد کي اڳتي وڌائڻو پوندو. هن شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪندي پنهنجي پيغام جي پڄاڻي ڪئي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته انهن جون قربانيون سدائين پاڪستان جي طاقت جو سنگ بنياد رهنديون.











