وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان نيپال جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير ريتا ڌتيال اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ثقافت، ورثي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نيپال جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان عوامي رابطن کي …

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير ريتا ڌتيال اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ثقافت، ورثي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نيپال جي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان عوامي رابطن کي سفارتي ناتن جو بنياد سمجهي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ادارن وچ ۾ موسيقي، فنون، نوادرات ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب دوست ملڪن سان سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان نيپال سان ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن ان نوعيت جي ڀائيواري، گڏيل ورثي جي تحفظ ۽ قومن وچ ۾ گڏيل فهم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.  وفاقي وزير پاڪستان جي شاندار ٻڌمت ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي وسيع پاليسي تحت ٻڌمت تهذيب کي نمايان ڪرڻ لاءِ نئين ڪوششن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان قيمتي ٻڌمت نوادرات جو امين آهي جن ۾ ناليواري فاسٽنگ ٻڌ مجسما به شامل آهن، حڪومت ان تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن نيپالي سفير کي آثار قديمه جي کاتي ۽ عجائب گهر جي دؤري جي دعوت به ڏني جيڪا وزارت تحت ڪم ڪندڙ اهم اداري خاص ڪري ٻڌمت ورثي بابت نوادرات جو مرڪز آهي. سفير پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ پُراڻن ناتن کي ساراهيو جيڪي گڏيل احترام، خير سگالي ۽ سهڪار تي ٻَڌل آهن. هن واپار، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن ناتن ۾ مسلسل اڳڀرائيءَ کي اجاگر ڪيو جڏهن ته علمي، ميڊيا، راندين ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. هن وفاقي وزير کي قيادت ۾ ثقافت، فنون، عجائب گهرن ۽ ٻڌمت ثقافتي ورثي کي هٿي وٺرائڻ، تحفظ ۽ سارسنڀال لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. سفير ٻه طرفي ثقافتي سهڪار جي اهم سنگ ميلن جو به ذڪر ڪيو جن ۾ مئي 1970ع ۾ طئي ٿيل ثقافتي معاهدو، کٽمنڊو ۾ نيپال پاڪستان فرينڊشپ اينڊ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي سرگرمين ۽  2018ع ۾ نيپال اڪيڊمي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرز وچ ۾ مفاهمتي يادداشت شامل آهي جنهن تحت ادبي تخليقن جهڙوڪ دي وائسز آف نيپالي پوئٽس جو ترجمو ممڪن ٿيو. هن پاڪستان جي ثقافتي سرگرمين ۾ نيپال جي فعال شرڪت جو به ذڪر ڪيو جن ۾ ڏکڻ ايشيائي ملڪن لاءِ آرٽس ريزيڊنسي پروگرام ۽ ڪراچيءَ ۾ رٿيل ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025ع شامل آهن. نيپال جي سفير وفاقي وزير کي پهرين مئي 2026ع جمعي ڏينهن ٽيڪسلا ميوزيم ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ويساڪ ڊي تقريب ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني. اها تقريب نيپال، ٿائلينڊ، سريلنڪا، ويٽنام ۽ ميانمر جي سفارتخانن جي ڀائيواريءَ سان منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن جو مقصد ٻڌمت ثقافتي ورثي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ٻُڌايو ته تقريب ۾ ٿائلينڊ ۽ سريلنڪا مان معزز ڀڪشو ڌرم راجيڪا ۾ شرڪت ڪندا جڏهن ته ٽيڪسلا ڪيمپس ۾ امن جي گهڻي وڄائڻ، امن جي علام طور تي اڇن ڪبوترن جي آزادي ۽ باغ ۾ ٻوٽا لڳائڻ جهڙيون سرگرميون به شامل هونديون. هن چيو ته سياحت بابت وزير مريم اورنگزيب به مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. وفاقي وزير انهن قدمن جي آجيان ڪندي علائقائي هم آهنگي ۽ گڏيل ورثي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي ثقافتي سهڪار ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نيپال جي سفير پاڪستان طرفان ٻڌمت ورثي کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ لاءِ ڪيل هاڪاري قدمن کي به ساراهيو. ان کان علاوه وفاقي وزير نيپال جي ثقافتي وفدن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ثقافتي وفد به نيپال جو دؤرو ڪندا ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي. ان موقعي تي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن وارو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ۽ نيپال جو ڊپٽي چيف آف مشن پروشوتم ڌنگل پڻ موجود هئا.

مزید خبریں