اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي بنا جواز اڳرائيءَ جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنل صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪري …
گهرو وفاقي وزير محسن نقوي پاران چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي بنا جواز اڳرائيءَ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي بنا جواز اڳرائيءَ جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنل صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪري افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر پُٽ سرحدن جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن. پاڪستان جون بهادر سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي اڳرائي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيون آهن.











