اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ملزم کي جمعي ڏينهن ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران ايف آءِ اي عملدارن عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته ملزم کان وڌيڪ …
اي پي پي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مرڪزي جوابدار ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ملزم کي جمعي ڏينهن ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران ايف آءِ اي عملدارن عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته ملزم کان وڌيڪ جاچ ۽ اهم ثبوت گهربل آهن، ان لاءِ سندس 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر موجب ملزم تي الزام آهي ته هن جعلي چيڪس تي صحيحيون ڪري قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. ٻي طرف اي پي پي جي نمائندگي ڪندي ناليوارو قانوندان رانا روحيل ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ مؤقف اختيار ڪيو ته ملزم ايف آءِ اي ۾ گهربل آهي ۽ سندس خلاف ٺوس شاهد موجود آهن، تنهنڪري وڌيڪ جاچ اڻٽر آهي. دليل ٻُڌڻ کانپوءِ عدالت ايف آءِ اي جي گذارش منظور ڪندي ملزم کي ٻن ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور ملزم معظم جاويد کوکر جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي ملزم کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته ايف آءِ اي، اي پي پي ۾ مبينه طور تي سوا ارب رپين جي ماليت جي فراڊ جي الزام ۾ 16 ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪري رکيو آهي ۽ ان ڪيس ۾ گهربل ڪيترائي ملزم اڳ ئي سينٽرل جيل اڊيالا ۾ قيد آهن.











