پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ جامع قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري حاصل ڪري ورتي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ جامع قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري حاصل ڪري ورتي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينه گذريل ڏينهن ان اهم پاليسيءَ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو ملڪ ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ سنگِ …

اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ جامع قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري حاصل ڪري ورتي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينه گذريل ڏينهن ان اهم پاليسيءَ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو ملڪ ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ماضيءَ ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين بابت ڪا جامع پاليسي موجود نه هئي، جنهن سبب ان شعبي ۾ مربوط اڳڀرائي ممڪن نه ٿي سگهي. هن ٻُڌايو ته صحت واري وزارت سمورن لاڳاپيل ڌُرين جي صلاح مشوري سان ان پاليسي دستاويز کي ترتيب ڏنو آهي ته جيئن هڪ مضبوط ۽ پائيدار نظام قائم ڪري سگهجي. هن چيو ته ان پاليسيءَ جي تياريءَ ۾ صنعت ۽ پيداوار واري صلاحڪار هارون اختر،صحت واري مملڪتي وزير مختار ڀرٿ ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ان اڳڀرائيءَ کي قومي پاڻڀرو ٿيڻ طرف هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏيندي چيو ته ان سان نه صرف ويڪسين جي دستيابي ۾ بهتري ايندي پر مستقبل ۾ صحت جي هنگامي حالتن سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت به وڌندي.

مزید خبریں