اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سي ڊي اي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن 120 ڏينهن ۾ ڪئي ويندي، ڪنهن به غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيءَ کي اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه هوندي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ 4 ڪلاڪ ڊگهي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جاري عوامي رٿائن تي اڳڀرائي ۽ نَون …
ڪنهن به غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيءَ کي اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه هوندي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سي ڊي اي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن 120 ڏينهن ۾ ڪئي ويندي، ڪنهن به غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيءَ کي اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ جي هرگز اجازت نه هوندي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ 4 ڪلاڪ ڊگهي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جاري عوامي رٿائن تي اڳڀرائي ۽ نَون منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سي ڊي اي جو سمورو رڪارڊ ڊجيٽلائز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن 120 ڏينهن ۾ ڪئي ويندي، شهري پاڻ درخواستن جو اپ ڊيٽ اسٽيٽس معلوم ڪري سگهندا. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته نئين ڪنوينشن سينٽر، ايڪسپو سينٽر ۽ اسلام آباد ارينه جي تعمير لاءِ 3 عالمي ڪمپنين جي پري ڪواليفڪيشن مڪمل ٿي وئي آهي. گهرو وزير ان جي تعمير ايس سي او سمٽ کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ايف-6 ۾ خدمت مرڪز پراجيڪٽ لاءِ ايراضي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن جديد تفريحي سهولتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽاپ گالف، هاٽ ايئر بيلون، زپ لائن، واٽر پارڪ ۽ اميوزمنٽ پارڪ تي ڪم جي جلد شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جديد اسپورٽس ڪامپليڪس بڻايا ويندا. گهرو وزير ايف نائن پارڪ کي هائيڊ پارڪ جي طرز تي ۽ شاهدره ڊيم سان تفريحي سهولتن جو جامع پلان پڻ طلب ڪيو. هن ايڪسپريس وي ۽ ڪلب روڊ جي خوبصورتي ۽ لائٽنگ تي به ڪم فوري شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. محسن نقوي سي ڊي اي ۾ ڪرپشن اسڪينڊل بي نقاب ڪرڻ تي سي ڊي اي چيئرمين سهيل اشرف ۽ ميمبر اسٽيٽ زمان وٽو کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. سي ڊي اي چيئرمين گهرو وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته ايڪسپريس وي تي سروس روڊ جي تعمير پلاننگ ڊويزن جي منظوريءَ کان پوءِ شروع ٿيندي.











