اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن ريلوي واري وزارت جو دؤرو ڪيو جتي هن وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ريلوي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، ملڪي ٽرانسپورٽ نظام جي بهتري ۽ مختلف سڌارن وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ريلوي وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ريلوي ۾ ڪيل …
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن ريلوي واري وزارت جو دؤرو ڪيو جتي هن وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ريلوي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، ملڪي ٽرانسپورٽ نظام جي بهتري ۽ مختلف سڌارن وارن قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ريلوي وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ريلوي ۾ ڪيل انقلابي قدمن کي ساراهيندي چيو ته جديد ۽ مربوط ٽرانسپورٽ نظام ملڪي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. ان موقعي تي عوام کي بهتر، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ اداره جاتي هم آهنگي ۽ رابطا ڪاري وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اهميت، ڪردار ۽ خطي ۾ ان جي اسٽريٽجڪ حيثيت تي ڳالهيون ڪيون ويون.











