اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هندي سمنڊ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ پوري دنيا محسوس ڪري ٿي. هن هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سيڪيورٽي خطرن ۽ واپاري رڪاوٽون شپنگ ڪمپنين لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪيون آهن. جنيد انوار چوڌري ٻُڌايو ته وزيراعظم جي پاليسين سبب …
پاڪستان جون بندرگاهون هر طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته هندي سمنڊ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ پوري دنيا محسوس ڪري ٿي. هن هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سيڪيورٽي خطرن ۽ واپاري رڪاوٽون شپنگ ڪمپنين لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪيون آهن. جنيد انوار چوڌري ٻُڌايو ته وزيراعظم جي پاليسين سبب تيل جي رواني جو سلسلو جاري آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪميٽي بحران کي موقعي ۾ بدلائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي بندرگاهه ۽ گوادر بندرگاهه کي محفوظ ۽ گهٽ لاڳت متبادل طور تي پيش ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي پورٽ هڪ مهيني ۾ 111300 ٽي اي يوز هينڊل ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جون بندرگاهون هر طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ واپاري برادريءَ کي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ پهرين خاص ٽرانس شپمينٽ هينڊل ڪري اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي، جڏهن ته ايف بي آر جي سهڪار سان رسڪ مئنجمينٽ سسٽم لاڳو ٿيڻ سان ڪليئرنس جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. سندس مطابق پورٽ چارجز ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ 137 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد جي موڪلن دوران به پورٽ آپريشنز جاري رکيا ويا. هن عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي سامونڊي واپار، علائقائي رابطن ۽ سامونڊي خوشحالي جو مرڪز بڻايو ويندو. ان موقعي تي ڪي پي ٽي جي چيئرمين ٻُڌايو ته سيپٽمبر کان ڪراچي بندرگاهه کان پپري تائين 4 ٽرينون هلائڻ جي شروعات ڪئي ويندي. ريئر ايڊمرل شاهد احمد چيو ته کاڄرو تيل ۽ فيري سروس لاءِ جديد ٽرمينلز تعمير ڪيا ويا آهن ۽ ڪراچي بندرگاهه جي صلاحيت آئينده 50 سالن لاءِ به ڪافي آهي.











