اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان اربع ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ثمر هارون بلور ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪي پي ڪي جي ترقياتي ترجيحن، عوامي ڀلائيءَ جي منصوبن ۽ سياسي قيادت جي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ثمر هارون بلور ڪي پي ڪي کي درپيش اهم چئلينجز ۽ عوامي ضرورتن کان آگاهه ڪندي …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان ثمر هارون بلور جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان اربع ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ثمر هارون بلور ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪي پي ڪي جي ترقياتي ترجيحن، عوامي ڀلائيءَ جي منصوبن ۽ سياسي قيادت جي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ثمر هارون بلور ڪي پي ڪي کي درپيش اهم چئلينجز ۽ عوامي ضرورتن کان آگاهه ڪندي صوبي ۾ جامع ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ اثرائتي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير احسن اقبال ٻُڌايو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ متوازن ترقي، علائقائي هم آهنگي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ايجنڊا کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ته جيئن سمورن صوبن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري سگهجن. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عورتن جي سياسي ۽ سماجي قيادت جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عوامي خدمت، معاشي استحڪام ۽ ترقياتي رٿائن ۾ اثرائتي مداخلت وقت جي اهم ضرورت آهي. ملاقات کي جمهوري نمائندگي کي هٿي وٺرائڻ، عورتن جي قيادت جي اعتراف ۽ ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ طرف هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو ويو.











