اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جون آپريشن غضب الحق تحت افغان طالبان جي بنا جواز اڳرائي تي ڀرپور ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترن ئي چؤڪين ۽ گاڏين کي درستگيءَ سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪاررواين افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته سيڪيورٽي …
پاڪ- افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي بنا جواز اڳرائي، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جون آپريشن غضب الحق تحت افغان طالبان جي بنا جواز اڳرائي تي ڀرپور ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترن ئي چؤڪين ۽ گاڏين کي درستگيءَ سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪاررواين افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي پوئتي ڌڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جو دفاع وطن لاءِ پُختي عزم ملڪ جي علائقائي سلامتيءَ کي يقيني بڻائي رهيو آهي، پاڪ فوج جو آپريشن غضب الحق سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.











