اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائي، في تولو 4 لک 79562 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 79562 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 4715 رپين جي گهٽتائيءَ کان …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائي، في تولو 4 لک 79562 رپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائي، في تولو 4 لک 79562 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 550 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 79562 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 4715 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 415682 رپين کان گهٽ ٿي 411147 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 381220 رپين مان گهٽجي 376898 رپين جو ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 45 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 7766 رپيا جڏهن ته 10 گرام چانديءَ جي قيمت 38 رپين کان گهٽ ٿيڻ کانپوءِ 6658 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4627 ڊالرن کان گهٽ ٿي 4572 ڊالر ٿي ويو.











