لاڙڪاڻو - 29 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪم تي ضلعي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ قمبر پوليس مختلف ڪاررواين دوران منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري چرس هٿ ڪندي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي لاوارث ٽرڪ ۽ چوري ٿيل ٻڪر ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري تحويل ۾ ورتا …
پُوليس جُون قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ منشيات خلاف ڪارروايُون جاري، مختلف ڪاررواين ۾ چوري ٿيل ٻڪر سميت مُختلف سامان هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 29 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪم تي ضلعي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ قمبر پوليس مختلف ڪاررواين دوران منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري چرس هٿ ڪندي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي لاوارث ٽرڪ ۽ چوري ٿيل ٻڪر ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري تحويل ۾ ورتا آهن. ايس ايڇ او ٿاڻو قمبر سٽي انسپيڪٽر انور علي ابڙو پنهنجي عملي سميت گشت دوران قمبر لاڙڪاڻو روڊ، سومرا فارم هائوس ويجهو ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار عارف علي هليو کي گرفتار ڪري جوابدار جي قبضي مان 600 گرام چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. ٻي ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو نصيرآباد انسپيڪٽر غلام محمد بوزدار عملي سميت ڇاپي دوران شهري غلام علي ڪنڀر جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪئي. ٽين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو ربي پل سب انسپيڪٽر اربار علي وڌو عملي سميت گشت دوران ڪرش موڙ ويجهو لاوارث ٽرڪ رجسٽريشن نمبر TKA-250 هٿ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي. چوٿين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو حمل سب انسپيڪٽر غلام شبير تونيا اسٽاف سميت ڇاپي دوران شهري بخت علي چانڊيو جو چوري ٿيل ٻڪر هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪيو.گرفتار منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار کان وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.











