دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران پوليس مقابلي جي جوابدار کي 30 سال قيد ۽ 60 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا

لاڙڪاڻو  29 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ويجهو پوليس مقابلي ۾ گرفتار نصير احمد جاگيراڻي تي ڏوھ ثابت ٿيڻ بعد دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڏوھاري کي سخت پورهئي سان گڏ 30  سال قيد ۽ 60 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج الطاف حسين دايُو سال 2023ع دوران ڌامراهه ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيل پوليس مقابلي جي ڪيس …

لاڙڪاڻو  29 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ويجهو پوليس مقابلي ۾ گرفتار نصير احمد جاگيراڻي تي ڏوھ ثابت ٿيڻ بعد دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڏوھاري کي سخت پورهئي سان گڏ 30  سال قيد ۽ 60 هزار رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج الطاف حسين دايُو سال 2023ع دوران ڌامراهه ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيل پوليس مقابلي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏوھاري نصير احمد جاگيراڻي کي 30 سال قيد ۽ 60 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. واضح رهي ته سال 2023ع ۾ لاڙڪاڻو ميرو خان روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو هو، جنهن دوران پوليس اهلڪار آصف علي ڪورائي سخت زخمي ٿي پيو هو. واقعي کانپوءِ پوليس ڏوهاري نصير احمد جاگيراڻي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته ٻيا ملزم فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. پوليس موجب ان وقت سرڪاري مدعيت ۾ ٽن ڏوهارين نصير احمد جاگيراڻي، بخشل عرف گڊو ۽ وقار عرف وڪو خلاف پوليس مقابلو ۽ 13 – ڊي تحت ٻه الڳ الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا هئا، ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن جاري آهي.