وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان تاجڪستان جي سفير جي ملاقات ، واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد _29 اپريل (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان تاجڪستان جي سفير شيف زاده يوسف توئر اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته لاجسٽڪس حب …

اسلام آباد _29 اپريل (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان تاجڪستان جي سفير شيف زاده يوسف توئر اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته لاجسٽڪس حب ۽ جديد ٽرانسپورٽ نظام سان خطي ۾ رابطه مضبوط ٿيندا. هن نجي شعبي جي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ بزنس فورم منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڄام ڪمال زان چين سان سهڪار کي علائقائي رابطن لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ ڪيترن واپاري رستن کي فعال رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن روانگي واپار ۽ آمدني واپار ي ادارن وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطن جي تجويز به پيش ڪئي . تاجڪستان جي سفير پاڪستان جي علائقائي رابطن جي قدمن کي ساراهيو. هن تاجڪستان طرفان سستن ۽ قابل اعتماد ٽرانزٽ روٽس جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته تاجڪستان توانائي سميت ٻين شين جو پاڪستان سان واپار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايلومينيم جي واپار ۽ صنعتي سهڪار جا موقعا موجود آهن . هن گڏيل اقتصادي ڪميشن جي پليٽ فارم کي موثر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ويجها رابطا برقرار رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں