تهران-29 اپريل (اي پي پي) ايران ٻيهر روس ۽ چين لاءِ فضائي اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران 60 ڏينهن جي وقفي کان پوءِ روس ۽ چين لاءِ اڏامون ٻيهر شروع ڪيون آهن. گذريل ڏينهن قومي فضائي ڪمپني ايران ايئر به پنهنجين اڏامن جي بحالي لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي هئي. ٻئي پاسي آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ خبردار ڪري چڪو آهي ته ايراني فضائي ڪمپنين …
ايران پاران روس ۽ چين لاءِ اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
تهران-29 اپريل (اي پي پي) ايران ٻيهر روس ۽ چين لاءِ فضائي اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران 60 ڏينهن جي وقفي کان پوءِ روس ۽ چين لاءِ اڏامون ٻيهر شروع ڪيون آهن. گذريل ڏينهن قومي فضائي ڪمپني ايران ايئر به پنهنجين اڏامن جي بحالي لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي هئي. ٻئي پاسي آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ خبردار ڪري چڪو آهي ته ايراني فضائي ڪمپنين سان سهڪار ڪندڙ ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون لڳي سگهن ٿيون. اسڪاٽ بيسنٽ چيو هو ته پرڏيهي حڪومتون يقيني بڻائين ته سندن دائري اختيار ۾ ايندڙ ڪمپنيون ايراني جهازن کي ڪا به سهولت فراهم نه ڪن جنهن ۾ جهازن لاءِ گيس جي فراهمي، ڪيٽرنگ سروسز، هوائي اڏن تي لينڊنگ فيس يا جهازن جي سار سنڀال شامل آهي. هن چيو هو ته آمريڪي ناڻي وزارت ڪنهن به اهڙي ٽئين ڌر خلاف ڪارروائي ۾ ڪنهن به گهٻراهٽ جو مظاهرو نه ڪندي جيڪا ايراني ادارن سان ڏي وٺ ڪندي يا ان کي سهولت فراهم ڪندي.











