ڌريون وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ استحڪام جي جلد بحالي لاءِ ڪوششون ڪن: چين

بيجنگ _29 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال علائقائي استحڪام کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي . ڌريون وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ استحڪام جي جلد بحالي لاءِ ڪو ششون ڪن . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي وچ اوڀر جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي اعلٰيٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي سمورين ڌرين تي زور …

بيجنگ _29 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال علائقائي استحڪام کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي . ڌريون وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ استحڪام جي جلد بحالي لاءِ ڪو ششون ڪن . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي وچ اوڀر جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي اعلٰيٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ استحڪام جي جلد بحالي جي ڪوشش ڪن . هن چيو ته وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال علائقائي استحڪام کي بري طرح متاثر ڪيو آهي ۽عالمي معيشت ۽ توانائي جي سلامتي کي متاثر ڪيو آهي. موجوده صورتحال جنگ کان امن طرف منتقلي جي نازڪ مرحلي تي پهچي چڪي آهي . چين سمورين ڌرين کان امن جي موقعي مان فائدو کڻڻ، وڌ کان وڌ تحمل ۽ انتهائي اخلاص جو مظاهرو ڪرڻ، جنگ بندي ۽ ڳالهين جي رفتار برقرار رکڻ ۽ وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ استحڪام جي جلد بحالي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته فلسطين هميشه کان وچ اوڀر جي مسئلي جو مرڪز رهيو آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. اسرائيل طرفان “ ٻه رياستي حل “ جي مخالفت تي ٻڌل موجوده مطالبا ڳڻتي جوڳا آهن. فلسطين مسئلي جي حل  جو ٻه رياستي حل ئي واحد قابل عمل طريقو آهي ۽ ان جي بنياد کي ڪمزور ڪندڙ هڪ طرفن قدمن کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته چين ٻه رياستي حل جي لاڳو ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ فلسطين جي مسئلي کي جلد کان جلد هڪ جامع، منصفاڻي ۽ ديرپا حل حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪري ڪم جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.