اسرائيل غزه ۾ فلسطينين خلاف پاڻي تائين رسائي کي هٿيار ۽ اجتماعي سزا طور استعمال ڪيو آهي: ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز جي رپورٽ

 غزه _29 اپريل (اي پي پي ) اسرائيل غزه ۾ فلسطينين خلاف پاڻي تائين رسائي کي هٿيار طور ۽ اجتماعي سزا طور استعمال ڪيو آهي. اها ڳالهه ڊاڪٽرن جي عالمي امدادي تنظيم ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز (ايم ايس ايف ) جي هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي پر اسرائيل ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز جي رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ …

 غزه _29 اپريل (اي پي پي ) اسرائيل غزه ۾ فلسطينين خلاف پاڻي تائين رسائي کي هٿيار طور ۽ اجتماعي سزا طور استعمال ڪيو آهي. اها ڳالهه ڊاڪٽرن جي عالمي امدادي تنظيم ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز (ايم ايس ايف ) جي هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي پر اسرائيل ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز جي رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزه پٽي ۾ ڄاڻي واڻي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي ۽ اهو قدم انساني وقار ۽ بقا سان هڪجهڙائي نٿو رکي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه مان اسرائيلي جارحيت جي شروعات بعد کان پاڻي ، صفائي ۽ صحت جي حفاظت تائين رسائي کي شديد متاثر ۽ ڪمزور ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ غزه ۾ پاڻي جي کوٽ سب پيدا ٿيندڙ بيمارين خاص ڪري پيٽ جون بيماريون، چمڙي جو انفيڪشن ، جوئن ۽ متاثر زخمن ۾ تيزي سان اضافي تي روشني وڌي وئي . ان کان علاوه اهو به چيو ويو ته صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي گهٽتائي به غذائي کوٽ کي وڌائي رهي آهي ۽ ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪري رهي آهي . غزه ۾ مٺي پاڻي جا قدرتي ذريعا ناهن . ان بدران زميني ۽ سامونڊي پاڻي تي دارومدار ڪيو ويندو آهي . ٻنهي کي صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي . رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انساني همدردي جي حد اٽڪل 15 ليٽر پاڻي في شخص في ڏينهن آهي جنهن ۾ پيئڻ لاءِ 6 لٽر ۽گهريلو استعمال لاءِ 9 لٽر شامل آهي . يونيسيف مطابق غزه ۾ ماڻهن کي بقا جي اها سطح بهترين طريقي سان ملي رهي آهي ، گهڻا ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽ ۾ گهٽ مقدار تائين رسائي کان پري آهن . اسرائيل جي ڪوآرڊينيٽر آف گورنمينٽ ايڪٽوٽيز ان دي ٽيريز ايڪس تي پوسٽ ۾ ان رپورٽ کي رد ڪيو آهي . چيو ويو ته اسرائيل پاڻي تائين رسائي کي محدود ناهي ڪري رهيو . گڏيل قومن مطابق گذريل آڪٽوبر ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿيڻ باوجود ، غزه تي اسرائيلي حملا ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ، جنهن ۾ جنگ بندي شروع ٿيڻ بعد کان هيستائين 700 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن . غزه جي صحت کاتي جي اختيارين مطابق آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين شهيد ٿي ويلن جو انگ 72،000 کان وڌي ويو آهي.