جنيوا _ 29 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل جو نائب صدر چونڊجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل جي ميمبرن اربع ڏينهن جنيوا ۾ 2026ع جو ڪائونسل اجلاس منعقد ڪرڻ کان پوءِ ان عهدي لاءِ سعودي عرب جي چونڊ تي اتفاق ڪيو. اهو قدم ڊجيٽل تبديلي جي رستي جي حمايت ۽ عالمي سطح تي فني پاليسيون جوڙڻ ۾ سعودي عرب …
سعودي عرب عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل جو نائب صدر چونڊجي ويو

مزید خبریں
جنيوا _ 29 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل جو نائب صدر چونڊجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل جي ميمبرن اربع ڏينهن جنيوا ۾ 2026ع جو ڪائونسل اجلاس منعقد ڪرڻ کان پوءِ ان عهدي لاءِ سعودي عرب جي چونڊ تي اتفاق ڪيو. اهو قدم ڊجيٽل تبديلي جي رستي جي حمايت ۽ عالمي سطح تي فني پاليسيون جوڙڻ ۾ سعودي عرب جي ڪردار تي عالمي برادري جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. ان منصب لاءِ مملڪت جي نمائندگي مواصلات واري وزير ۽ انفاريشن ٽيڪنالوجي جي عالمي سهڪار ۽ شراڪتداري بابت انڊر سيڪريٽري انجنيئر منصور القريشي ڪندو . اها چونڊ ان فعال ڪردار تي عالمي برادري جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا مملڪت ادا ڪري رهي آهي ۽ ان جا اهي عطيا جيڪي عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين جي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مددگار آهي . ان سان گڏوگڏ اهي عالمي سطح تي ڊجيٽل پاليسين ۽ ضابطن جي جوڙجڪ ۾ سعودي عرب جي بااثر ڪردار جو اعتراف پڻ آهي. مملڪت جي چونڊ ان جي قائداڻي ۽ عالمي سطح تي بااثر ڪردار جو تسلسل آهي ڇو ته سعودي عرب 1965ع کان عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين جي ڪائونسل جو ميمبر آهي. عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ڪائونسل 190 ميمبر ملڪن مان 48 ملڪن تي ٻڌل آهي. اها ڪائونسل يونين جي ڪمن جي رهنمائي، ان جي پاليسين ۽ بجيٽ تي عمل درآمد جي نگراني سان گڏوگڏ آپريشنل ۽ مالياتي منصوبن جي منظوري ڏيندي آهي . ان کان علاوه اها پروگرامن جي نگراني ۽ ان شعبي جي ترقي لاءِ عوامي پاليسين بابت سفارشون پيش ڪندي آهي ته جيئن عالمي سطح تي اداراجاتي ڪم جي ڪارڪردگي ۽ تسلسل کي هٿي ڏئي سگهجي.











