واشنگٽن _ 29 اپريل (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا جي 250 هين يوم آزادي جي مناسبت سان محدود انگ ۾ يادگاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي ، جنهن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير لڳل هوندي . جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو پهريون زنده صدر هوندو جنهن جي تصوير سفري دستاويز تي شايع ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان …
آمريڪا جي 250 هين آزادي جي ڏهاڙي تي صدر ٽرمپ جي تصوير سان گڏ يادگاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو منصوبو

مزید خبریں
واشنگٽن _ 29 اپريل (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا جي 250 هين يوم آزادي جي مناسبت سان محدود انگ ۾ يادگاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي ، جنهن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير لڳل هوندي . جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو پهريون زنده صدر هوندو جنهن جي تصوير سفري دستاويز تي شايع ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان خصوصي پاسپورٽ جو تصور جنهن ۾ صدر ٽرمپ جي سنجيده چهري جي تصوير جو خاڪو به شامل آهي، ڪيترن ئي مهينن کان غور هيٺ هو ۽ آخر ڪار ان جي منظوري ڏني وئي. اهي نوان پاسپورٽس 25 هزار کان 30 هزار تائين جي انگ ۾ واشنگٽن ڊي سي جي پاسپورٽ آفيس ۾ آمريڪا جي يوم آزادي 4 جولاءِ کان پهريان درخواست ڏيندڙن لاءِ دستياب هوندا. اختيارين مطابق اهي يادگيري پاسپورٽ واشنگٽن جي آفيس ۾ ذاتي طور تي درخواست ڏيندڙن لاءِ دستاويز هوندا.











