اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون جيڪي اڃان به جاري آهن، جنگ جي ڪري اسان جو معاشي ترقي جو سفر رڪجي ويو، پيٽروليم جون قيمتون آسان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مسئلا جبل بڻجي سامهون بيٺل آهن پر مشڪل وقت مان سرخرو ٿي نڪرنداسين، سعودي عرب جي …
پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون جيڪي اڃان به جاري آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگبندي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون جيڪي اڃان به جاري آهن، جنگ جي ڪري اسان جو معاشي ترقي جو سفر رڪجي ويو، پيٽروليم جون قيمتون آسان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مسئلا جبل بڻجي سامهون بيٺل آهن پر مشڪل وقت مان سرخرو ٿي نڪرنداسين، سعودي عرب جي تعاون سان ساڍا 3 ارب ڊالر جو ٻاهريون قرض ادا ڪري ڇڏيو، ڪفايت شعاري قدم جاري رهندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ڪابينا جي ميمبرن کي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته تازن هفتن ۾ اهم واقعا ٿيا، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پاڪستان ڳالهه ٻولهه جو جيڪو ڊگهو سلسلو 11 اپريل جي رات شروع ڪرايو اهو 21 ڪلاڪ ڊگهو هو. اهو ميراٿن سيشن هو جنهن جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير همت نه هاري ۽ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ پنهنجي هم منصبن سان مصروف رهيو، اسان جي بي پناهه ڪوششن سان جنگبندي ۾ واڌ ٿي جيڪا اڃان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته انهي دوران ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ٽيم سان گڏ آيو، ساڻس به ميراٿن سيشن ٿيا، ڇنڇر جي ڏينهن هو مون سان به مليو، ٻن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير جو به ان حوالي سان تمام اهم ڪردار رهيو، ايراني پرڏيهي وزير عمان به ويو ۽ واپس پاڪستان آيو پوءِ روس ويو. ساڻس منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته هو اخلاص سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي ۽ مشورو ڪري جواب ڏيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته ان دوران خام تيل جون قيمتون ٻيهر آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، اسان کي به نئين قيمتن جو تعين ڪرڻو آهي، وڏي چئلينجنگ صورتحال درپيش آهي پر گڏيل بصيرت ۽ ڪوششن سان صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن پيٽروليم واري وزير جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال اطمينان جوڳي رهي ۽ ڪٿي به لائينون نه لڳيون. وزيراعظم چيو ته صورتحال اهڙي آهي جو جنگ کان اڳ هڪ هفتي جو پيٽروليم بل جيڪو 300 ملين ڊالر هوندو هو اڄ 800 ملين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، حڪومت ڪفايت شعاري قدمن ۽ بچت جي ذريعي ڪوششون ڪري رهي آهي، ان جي لاءِ ٽاسڪ فورس پڻ ٺاهي جيڪا صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺي رهي آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري کپت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعالى جي مهرباني سان پاڪستان جي معيشت ميڪرو ليول تي پيرن تي بيهي رهي هئي ۽ اسان گروٿ طرف وڌي رهيا هئاسين پر جنگ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون ۽ معاشي بهتري جي لاءِ اسان جي ٻن سالن جي گڏيل ڪوششن کي شديد نقصان پهتو آهي پر اهو اسان جي اختيار کان ٻاهر هو. وزيراعظم چيو ته هو دعاڳو آهي ته جنگ مستقبل بند ۽ امن قائم ٿئي ته جيئن اسان جو ترقي ۽ خوشحالي جو سفر ٻيهر جاري رهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان ساڍا 3 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض ادا ڪري ڇڏيا آهن، فيڊرل ريزروز به پنهنجي جڳهه تي آهي، ان جي لاءِ اسان سعودي عرب جي حڪمران شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسئلن جا جبل اسان جي آڏو بيٺل آهن پر جلد حل ٿي ويندا. امن جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان ۾ گهٽتائي نه ايندي. همت ڪرڻي آهي ۽ محنت جاري رکڻي پوندي، اسان جي ڪوششن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. وزيراعظم چيو ته نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ٻڌايو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان قومي خزاني تي بار نه پوندو. وزيراعظم صوبن سان رابطي جي لاءِ ٺاهيل ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري ۽ عوام کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ قدمن ۽ سبسڊي کي جاري رکڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ موٽر بائيڪس وارن جو خيال رکيو وڃي. عوام سان جيڪا ڪمٽمنٽ ڪئي آهي ان کي پورو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت گذري ويندو، جيڪي قومون محنت ۽ گڏجي ڪم ڪن ٿيون اهي زندهه رهن ٿيون.











