سانيا- 29 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران هانگزو جن جيانگ گروپ جي سي اي او وانگ جيان سان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ ڪمپني کي پاڪستان ۾ متبادل توانائي، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ برقي گاڏين جي بيٽري سسٽمز سميت ترجيحي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، صدر کي …
صدر آصف علي زرداري پاران چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت

مزید خبریں
سانيا- 29 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران هانگزو جن جيانگ گروپ جي سي اي او وانگ جيان سان اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ ڪمپني کي پاڪستان ۾ متبادل توانائي، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ برقي گاڏين جي بيٽري سسٽمز سميت ترجيحي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، صدر کي ٻڌايو ويو ته گروپ اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ چين جي ناليوارين 100 ڪاروباري گروپن ۾ شامل آهي. ان جون سرگرميون ڳري صنعت، ڀاڻ، تيل ۽ گئس، ڪوئلي جي گئسيفڪيشن، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ آبپاشي جهڙن شعبن ۾ پکڙيل آهن. صدر چيو ته پاڪستان مختلف شعبن خاص طور تي واٽر ٽريٽمينٽ، برقي گاڏين جي بيٽري سسٽمز ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي ڀرپُور حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جُون ڀائيواريون پائيدار ترقي ۽ صنعتي اڳڀرائي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهي ڪمپنين خاص طور تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. مُلاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ پڻ موجود هئا.











