اسلام آباد- 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ريلوي ۾ عوامي سهولتن ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ريلوي ۾ مال برداري جي خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. محمد حنيف …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ريلوي ۾ عوامي سهولتن ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ريلوي ۾ مال برداري جي خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. محمد حنيف عباسي وزيراعظم کي ريلوي سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم پاڪستان ريلوي ۾ عوامي سهولتن ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ مال برداري جي خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ريلوي پاران مسافرن جي سهولتن لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











