اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪمبوڊيا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين جو معاملو ڪمبوڊين حڪومت آڏو فعال طور تي اٿاريو آهي، اهو قدم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايتن موجب کنيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي سهولت جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن تي زور ڏنو ويو هو. ڪمبوڊيا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين بابت هڪ ميڊيا سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس …
پاڪستان ڪمبوڊيا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين جو معاملو ڪمبوڊين حڪومت آڏو فعال طور تي اٿاريو آهي، انهن ماڻهن جي جلد وطن واپسي متوقع آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪمبوڊيا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين جو معاملو ڪمبوڊين حڪومت آڏو فعال طور تي اٿاريو آهي، اهو قدم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايتن موجب کنيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي سهولت جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن تي زور ڏنو ويو هو. ڪمبوڊيا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين بابت هڪ ميڊيا سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته ڪمبوڊيا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ان معاملي کي ڪمبوڊين حڪومت آڏو فعال طور تي اٿاريو آهي. اهو قدم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايتن موجب کنيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي سهولت جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو هو. سفارتخاني جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ميزبان عملدارن سيام ريپ صوبي ۾ حراست هيٺ 54 پاڪستاني شهرين جي جلد وطن واپسي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. اهي ماڻهو هڪ جعلي اسڪيم (اسڪيمنگ ڪمپائونڊ) تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيا ويا هئا. هن چيو ته اسان جي سفارتي عملي پاران حراست هيٺ پاڪستانين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اهي ماڻهو اڏام جا انتظام مڪمل ٿيندي ئي ڪمبوڊيا کان وطن واپسي جي لاءِ روانا ٿي ويندا. ڪمبوڊين عملدارن پاران خيرسگالي جي طور تي انهن ماڻهن کي “آن لائين دوکيبازي جي خلاف قانون” تحت ڪنهن قانوني ڪارروائي کانسواءِ واپس موڪليو ويندو. اهو قانون 7 اپريل 2026ع تي لاڳو ٿيو هو، جنهن تحت سخت قيد جي سزا ۽ وڏا ڏنڊ هنيا وڃن ٿا.











