اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ حج انتظامن جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڪه مڪرمه ۽ مديني منوره ۾ جاري آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري ابرار احمد مرزا، ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حج محمد بخش سانگي شرڪت ڪئي، جڏهن …
وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ حج انتظامن جي حواليٰ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ حج انتظامن جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڪه مڪرمه ۽ مديني منوره ۾ جاري آپريشنز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري ابرار احمد مرزا، ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ساجد محمود چوهاڻ ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حج محمد بخش سانگي شرڪت ڪئي، جڏهن ته مڪه مڪرمه مان چيف ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مرزا علي محسود ۽ ٻين حج ڊائريڪٽرن وڊيو لذنڪ ذريعي انتظامي معاملن تي اپ ڊيٽس فراهم ڪيون. وفاقي وزير، عملدارن کي هدايت ڪئي ته حاجين جي آسائش ۽ سهولتن ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي وڃي. هن خادم الحجاج کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ان جو فوري ازالو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وفاقي وزير حاجين تي زور ڀريو ته هو سعودي عرب ۾ قيام دوران مقامي قانونن جي سختيءَ سان پيروي ڪن ۽ پنهنجي طرزِ عمل سان ملڪي وقار جو خاص خيال رکن. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن تائين 20 هزار کان وڌيڪ سرڪاري حاجي مدينه منوره پهچي چڪا آهن، جن مان 11 هزار حاجين کي رياض الجنة جي زيارت به ڪرائي وئي آهي. انتظاميه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته سمورن حاجين کي نسڪ ڪارڊز جي فراهمي مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن کين حج دوران ڪنهن قانوني ڏُکيائي کي مُنهن ڏيڻو نه پوي. ان کان علاوه مڪرمه مڪرمه تائين اچ وڃ کي آسان بنائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جا 5 بس اَڏا به مختص ڪيا ويا آهن. طبي سهولتن جي حوالي سان پاڪستان بابت ميڊيڪل مشن جي سربراهه ڪرنل ڊاڪٽر توقير بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته مدينه منوره ۾ هڪ اسپتال ۽ ٽي ڊسپينسريون جڏهن ته مڪه مڪرمه ۾ 5 ڊسپينسريون حاجين جي لاءِ مصروف آهن. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته پاڪستان مان دوائن جي سموري فراهمي مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ حاجين کي وقت سر طبي امداد فراهم ڪري سگهجي.











